رسول بخش بلوچ

رسول بخش بلوچ: سنڌ جي ناليواري ڪاموري رسول بخش بلوچ شڪارپور ضلعي جي ڳڙهي ياسين تعلقي ۾ جنم ورتو. هو مجيداڻي قبيلي جي هڪ پسمانده خاندان سان تعلق رکندو هو.
هن سي. ايس. ايس جو امتحان پاس ڪري، ڊي. ايم. جي (D.M.G) گروپ حاصل ڪيو. 1980ع کان صوبي خيبر پختونخوا ۾ ملازمت ڪيائين. هو ڪوهاٽ جو اسسٽنٽ ڪمشنر هو ته مٿس منشيات جي سمگلرن خوني حملو ڪيو. 1983ع ۾ نوابشاهه جو ڊپٽي ڪمشنر مقرر ٿيو. 1984ع کان 1986ع تائين ٿرپارڪر ضلعي جو ڊپٽي ڪمشنر رهيو.
1987ع ۾ کيس واشنگٽن ۾ پاڪستان جي سفارتخاني ۾ ڪائونسلر مقرر ڪيو ويو. ڪافي عرصو ٻاهر رهڻ کانپوءِ وطن واپس آيو ۽ 1992ع ڌاري حيدرآباد ڊويزن جو ڪمشنر مقرر ٿيو. ان کان پوءِ ڪجهه عرصي لاءِ تعليم جو سيڪريٽري پڻ رهيو هو. 1993ع ۾ سنڌ جي وزيراعليٰ سيد عبدالله شاهه جو پرسنل سيڪريٽري ٿيو ۽ 1996ع تائين ان عهدي تي قائم رهيو.


لفظ رسول بخش بلوچھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو